عبدالغفور ٺٽوي، مخدوم

عبدالغفور ٺٽوي، مخدوم: عالم ۽ شاعر مخدوم عبدالغفور، مخدوم عبداللطيف ثاني ٺٽويءَ جو فرزند، مخدوم عبدالله ٺٽويءَ جو ڀاءُ ۽ مخدوم محمد ابراهيم مڏئي واري جو پوٽو هو. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي سندس تڙ ڏاڏو هو. هن تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪئي. عربيءَ جو سٺو شاعر هو. سندس شاعري فصاحت ۽ بلاغت سان لبريز آهي. مخدوم عبدالغفور ٺٽوي تيرهين صدي هجري جي آخر ڌاري مڏئي (ڪڇ) ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو